اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي بي پناهه موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن، پا??ستان 22 ڪروڙ کان وڌ??ڪ آبادي جي مارڪيٽ آهي، جتي تو??نا??ي، انفراسٽرڪچر، اي ڪامرس، زرعي صنعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ انهن جا منتظر آهيون. خليج ٽائيمز کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 22 – 2021ع دوران 25.40 سيڪڙو جي اضافي سان گڏ 10 ارب 60 ڪروڙ ڊالر هو، جيتوڻيڪ ٻطرفي واپار جي اها سطح هاڻي به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي صحيح عڪاس نه آهي، اسان پنهنجي موجوده اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌ??ڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي بهترين سياسي لاڳاپن جي برابر آڻڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون جا نوان رستا ڳولي رهيا آهيون. انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ فنانشل ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تمام گهڻي صلاحيت سان گڏ تعاون جي گنجائش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جي بحالي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ ان جي قيادت جي قدمن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. گڏيل عرب امارات ۾ 17 لک پا??ستاني عزت ۽ احترام سان پنهنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان پا??ستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ دوستي جو بنياد رکيو، ان جي خواهش هئي ته پا??ستان جو شمار سرگرم خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ٿئي، اسان ان جي درياهه دلي ۽ سخاوت کي وڏي عرصي تائين ياد رکنداسين. هن چيو ته پا??ستان ۾ تازي ٻوڏ کانپوءِ ابوظهبي ۽ پا??ستان جي وچ ۾ اسلام آباد ۽ سنڌ صوبي جي شهر ڪراچي، بدين، شڪارپور ۾ امدادي سامان جي پهچ جي لاءِ هڪ هوائي پل قائم ڪئي وئي. نومبر 2023ع ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس سي او پي 28 جي ميزباني ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پنهنجي موسمياتي سفارتڪاري جي حصي طور پا??ستان عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي تي بحث، ڳالهين ۽ عمل ۾ تعميري تعاون جاري رکندو.