اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم ده??تگ??دي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي، شهيد قوم جا محسن آهن، پوري قوم ده??تگ??دي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر خانيوال ۾ فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر ۽ انسپيڪٽر جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر محمد نويد صادق سيال شهيد جي گهرواريءَ سان فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر گهرڀاتين جي همت، صبر ۽ بهادري سان صدمو برداشت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر انسپيڪٽر ناصر عباس ڀٽي شهيد جي گهرواريءَ سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيد جي قوم جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن کي ده??تگ??دي جي خلاف جنگ ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته ده??تگ??دي جي خلاف پاڪستان ??ون ڪوششون دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، پوري قوم ده??تگ??دي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي. هن چيو ته شهيد قوم جا محسن آهن، پوري قوم ده??تگ??دي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.