اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظ??ار ڪيو، هن چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظ??ار ڪيو. صدر 31 ڊسمبر تي جاني خيل بنون ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد وسيم جي والد سان فون تي افسوس جو اظ??ار ڪيو، شهيد جي والد صدر کي چيو ته ٽي پٽ فوج ۾ آهن ۽ قرباني جي لاءِ تيار آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??ڪ جي لاءِ شهيد جي قرباني ۽ والد جي حب ??لو??ني جي جذبي کي ساراهيو. صدر 29 ڊسمبر تي ڪرم ايجنسي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار شجاع محمد جي ڀاءُ محمد اشرف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي عبدالرحمان جي ڀاءُ گوهر ياسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، شهيد جي ڀاءُ صدر سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀ پاڪستان تي قربان، 10 ڀاءُ هجون ها تڏهن به شهادت جي لاءِ تيار هجون ها. صدر نائيڪ محمد رمضان جي چاچي سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، وارثن سان همدردي جو اظ??ار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.