اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اڄ اڳاري تي ڪوپ 27 جي هائي ليول سيگمنٽ جي ٻئي ڏينهن پنهنجي نارويجين هم منصب سان گڏ ”ڪلائميٽ چينج اينڊ سسٽين ايبلٽي آف ولنر ايبل ڪميونٽيز“ جي عنوان سان اهم رائونڊ ٽيبل جي گڏيل صدارت ڪندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جو ڪانفرنس آف پارٽيز جي 27 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ شرم الشيخ مصر جي دوري تي آهي اڄ وزيراعظم محمد شهباز ??ريف جرمن چانسلر ۽ گهانا جي صدر جي گڏيل ميزباني ۾ ٿيڻ واري اهم اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو. ان اجلاس جو عنوان ”سڪيلنگ اپ ايڪ??ن اينڊ سپورٽ آن لاس اينڊ ڊيميج _ گلوبل شيلڊ اگينسٽ ڪلائميٽ رسڪ“ آهي. ان کان علاوه وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ان موقع تي اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو.