اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اسٽيج، فلم ۽ ٽي وي جي ناليواري اداڪار افضال احمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??فضال احمد پنهنجي بي ساخته ??داڪاري سان شائقين کي محظوظ ڪيو، س??دس لاڏاڻي سان فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.