اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جو نالو فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جي گري ??سٽ مان نڪرڻ تي الله تعاليٰ جا ٿورا ??ڃي??دي ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اهو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آهي، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، گري ??سٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، سفارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان کي فيٽف جي گري ??سٽ مان ڇوٽڪارو مليو، پاڪستان جو سر بلند ٿيڻ تي منهنجو ڪنڌ الله تعاليٰ جي آڏو شڪر سان جهُڪيل آهي، عا??مي سطح تي پاڪستان جي ساک ۽ وقار جي بحالي قوم کي مبارڪ هجي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اهو اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي دنيا تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته فيٽف ۾ شامل ملڪن جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزارت، سمورن لاڳاپيل عملدارن ۽ وزارتن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪ فوج، ڊي جي ايم او سميت ٻي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ان ڪاميابي ۾ اهم ڪردار تي ساراهيون ٿا ۽ مبارڪباد ڏيون ٿا. ??زي??اعظم چيو ته حڪومت جي اتحادي پارٽين ۽ قائدين جا ٿورا مڃان ٿو جن ڀرپور تعاون سان اهو ممڪن بڻايو، الحمدالله نواز شريف جي دور وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي فيٽف جي گري ??سٽ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته اين آر او جا الزام برداشت ڪري قومي مفاد جي خاطر مخالف ڌر ۾ به اسان ان معاملي تي پورو تعاون ڪيو، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ اڄ اها ڪاميابي عطا فرمائي. هن چيو ته گري ??سٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، سفارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا، ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ وڌيڪ به خوشخبريون اينديون.