آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان فلسطين جي صدر محمود ??باس ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو ۽ انهن جي جذباتي ڳالهه ٻولهه اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري جو مثال بڻجي وئي. محمود ??باس پيار مان وزيراعظم شهباز شريف جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي ورتا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فلسطين جو صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٻئي سان گرموشي سان گلي مليا ۽ انهن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف فلسطين جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران توهان جي مدد تي ??مام گهڻا ٿورائتا آهي??ن. ??حمود ??باس چيو ته پاڪستان اسان جو گهر آهي، پاڪستاني اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن، پاڪستاني اسان جي گهر جا ڀاتي ??هن، اسان انهن جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ائين نه چئو، فلسطين ٻوڏ سٽيلن جي جهڙي طرح مدد ڪئي، وساري نه ٿا سگهون، پاڪستان ڪڏهن به فلسطينين کي وساري نه ٿو سگهي، توهان جي ڪاميابي تائين پاڪستان توهان جي حق لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. فلسطيني صدر محمود ??باس چيو ته اسان پاڪستان کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون، هڪ سئو سال کان اسان پاڪستانين کي ڪڏهن ناهي وساريو، مفتي فلسطين پنهنجي لاڏاڻي تائين پاڪستان ۾ رهيو، ان جي سارسنڀال پاڪستان ڪئي، پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ کان اسان پاڪستانين سان گڏ آهي??ن. ??زيراعظم چيو ته فلسطين اسان جي ايمان ۽ يقين جو حصو آهي، فلسطين اسان جي دل ۾ آهي. هن چيو ته اڄ جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندڙ اڳواڻن ۾ توهان شامل آهيو، توهان جي حمايت ۽ جذبي تي ??ل جي گهرايئن سان ٿورا مڃان ٿو.