اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ عورتن جو ??ائ??اڻو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ملڪ?? افرادي قوت ۾ عورتن جي شموليت سان قومي معيشت ۾ 25 سيڪڙو جو ساليانو اضافو ٿي سگهي ٿو. بين الپارلياماني يونين ايشيا پيسفڪ ريجن سيمين??ر جي پلينري سيشن کي خطاب ڪندي ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ عورتن جو ??ائ??اڻو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ملڪ?? افرادي قوت ۾ عورتن جي شموليت سان قومي معيشت ۾ 25 سيڪڙو جو ساليانو اضافو ٿي سگهي ٿو ڇو ته اقتصادي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ عورتن جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. مملڪتي وزير چيو ته جڏهن ته صنفي برابري جي اشارن ۾ پاڪستان جي درجابندي گهٽ آهي جڏهن ته هاڻي بلندي طرف سفر شروع ٿيو آهي، پاڪستاني ??ورتون مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهيون آهن، پاڪستان ۾ عورتون انهن شعبن ۾ به داخل ٿي رهيون آهن جيڪي ماضي ۾ مردن جي لاءِ مخصوص هئا، هاڻي عورتون پائليٽ، ماهر معاشيات ۽ سياست جي ميدان ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته افرادي قوت ۾ عورتن جي موثر شموليت جي لاءِ ضروري آهي ته انهن کي موقعا فراهم ڪيا وڇن ۽ موقعا قانوني ??ستو اختيار ڪرڻ سان فراهم ڪري سگهجن ٿا، پاڪستان سميت خطي جي ملڪن ۾ ان حوالي سان قانونسازي ٿي رهي آهي، ان عمل ۾ اسان کي هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.