سکر – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قمبر شهدادڪوٽ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جا??زو ورتو جڏهن ته کيس اڏام دوران امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ??مبر شدهادڪوٽ جي دوري جي لاءِ سکر پهتو جتي پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو جنهن کانپوءِ وزيراعظم متاثر علائقن جو فضائي جا??زو وٺڻ جي لاءِ روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڏام دوران کيس ٻوڏ کان متاثر علائقن جي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني.