اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪس??ان هڪ ڪالعدم تنظيم پاران ملڪ ۾ ٻوڏ بابت امدادي ڪمن بابت هڪ ڀارتي خابرو اداري پاران پنهنجي خبر ۾ هنيل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو رڳو پاڪس??ان جي خلاف ڀارتي تعصب ۽ عالمي سطح تي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ??ي ڀارت جي مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? پاران جاري بيان موجب ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ڀارتي ميڊيا سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بي بنياد ۽ ههٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اها بدقسمتي آهي ته عالمي برادري هڪ غيرمعمولي قدرتي آفت جي ڏس ۾ پاڪس??ان جي مدد ڪري رهي آهي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جا ڪجهه عنصر امدادي سرگرمين تي شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ ??ي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪس??ان غيرمنافعو ڏيندڙ ۽ غيرسرڪاري تنظيم?? پاران ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين جي نگراني جي لاءِ مضبوط، ريگيوليٽري ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙيو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪس??ان ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چوڪس آهن ته امدادي سرگرمين جي آڙ ۾ ڪا غيرقانوني سرگرمي نه ٿئي.