اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ عوام کي بجلي فراهمي ۾ ريليف ڏيڻ جي لاءِ مهانگي درآمدي تيل بدران سج جي روشني سان بجلي پيدا ڪرڻ جي فيصلي تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عوام کي بجلي جي معاملي تي ريليف ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آه??. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ ??ان مهان??و تيل گهرائي بجلي ٺاهڻ بدران سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آه??. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت جي لاءِ وڏو ۽ بنيادي قدم کنيو آه??، جنهن سان پاڪستان اربين ڊالرن جي بچت ڪري سگهندو. منصوبي تحت مهانگي درآمدي ٻارڻ (ڊيزل ۽ فرنس آئل) جي جڳهه تي سولر پاور مان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، پهري?? مرحلي ۾ سرڪاري عمارتن، بجلي ۽ ڊيزل سان هلندڙ ٽيوب ويلز ۽ گهٽ يونٽس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي سج جي روشني سان پيدا ٿيندڙ بجلي ڏني ويندي. وزيراعظم سولر پاور پلانٽ جي جلد تعمير جي به هدايت ڪئي آه??. گرمين جي ايندڙ موسم شروع ٿيڻ تائين عوام کي بجلي جي فراهمي ۾ خاطرخواهه ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي منصوبي تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??. وزيراعظم ايندڙ هفتي سڀني لاڳاپيل ماڻهن جي واڪ کان اڳ پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آه??.