اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي وئي ??هي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري پنهنجي سعودي هم منصب ج?? ٿورا مڃيا ۽ کيس پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تبا??ين کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير بدترين ٻوڏ صورتحال جي حوالي سان يڪجهتي جي اظهار تي سعودي عرب ج?? ٿورا مڃيا. هن سعودي عرب پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي خاطري کي پڻ ساراهيو.