اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سامونڊي سياحت ۽ بليو اڪانامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پا??ستان جي سمنڊ، جذيرن ۽ سامونڊي ماڳن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فري سروس جي ذريعي سامونڊي چرپر سان سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي مناسب ۽ سستي سفري سهولتون ملنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پا??ستان بوٽ ريلي اينڊ فشنگ ٽورنامينٽ جي سي اي او احمد مامور اميني ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي عالمي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري احمد حنيف اورڪزئي، ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت، پا??ستان اسپورٽس بورڊ ۽ پا??ستان ٽوئرازم ??يولپمينٽ ڪارپوريشن جا نمائندا موجود هئ??. ص??ر چيو ته فيري سروس سان پا??ستاني ??امان جي ٻين حصن تي چرپر جو هڪ عمل جوڳو وسيلو ميسر ٿيندو. فيري سروس سان بندرگاهن ۽ سياحتي ماڳن جي ترقي کانسواءِ سياحت کي به فروغ ملندو. صدر چيو ته پا??ستان جي سامونڊي پٽيءَ کي ان جي ڀرپور صلاحيتن موجب ترقي ڏيڻ گهرجي. سامونڊي علائقي جي ترقي سان سامونڊي علائقن ۾ معاشي سرگرمين کي فروغ ۽ مقامي آبادي کي روزگار ملندو. صدر چيو ته سامونڊي علائقي جي ترقي سان پا??ستان جي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر سامونڊي سفر جي فروغ لاءِ ضروري بنيادي ڍانچي جي تعمير جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سامونڊي سفر جي فروغ لاءِ سڀني ڌرين جي مشاورت سان سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ل??ڳا??يل ادارا هڪ ٻئي سان ويجهي هم آهنگي سان ڪم ڪن. هن چيو ته باقاعده، رسمي ۽ قانوني ??امونڊي سفر کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سڀني ل??ڳا??يل ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پا??ستان عالمي سامونڊي راندين جو مقابلو منعقد ڪرڻ ڪافي آمدني ڪمائي سگهي ٿو. بوٽ ريلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀئي ڌريون گڏجي ڪم ڪن. صدر کي ان موقعي تي پا??ستان ۾ سامونڊي سياحت جي امڪانن بابت بريفنگ به ڏني وئي. صدر کي پا??ستان ۾ بليو ٽوئرازم جي امڪانن ۽ پا??ستان جي سافٽ اميج کي بلند ڪرڻ ۾ پا??ستان بوٽ ريلي ۽ فشنگ ٽورنامينٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو ويو. گذريل سال پا??ستان بوٽ ريلي ڪراچي کان گوادر تائين 9 بيڙين تي پنج ڏينهن ۽ چار راتين سان 650 ڪلوميٽر جو سفر ڪيو جنهن کي دنيا جي سڀ کان ڊگهي بوٽ ريلي جو نالو ڏنو ويو. پا??ستان بوٽ ريلي هڪ عالمي ايونٽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ڀرپاسي جي ملڪن جا ٻيڙي هلائيندڙ به شرڪت ڪندا.