اسلام آباد – 23 211; مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي 10 سال کان منتظر بيواهن کي انشورنس جي رقم جي ادائيگي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته بيواهن کي گ??وپ انشورنس جي ادائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي ه??ايت ڪئي ته هو فائر برگيڊ ڊپارٽمينٽ ملتان جي فائر مينن جي بيواهن کي گ??وپ انشورنس ادا ڪري. تفصيل موجب مختار مائي، نوران مائي، نسيم مائي ۽ عذرا بي بي جا گهروارا سروس دوران لاڏاڻو ڪري ويا هئا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته غريب بيواهن کي 10 سالن تائين انشورنس جي رقم ادا نه ڪئي وئي، بيواهن کي گ??وپ انشورنس جي ادائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي، اهو رويو ڪمپني جي ساک تي بدنما ڌٻو ۽ پاڪستان جي آئين جي اصولن جي خلاف آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف جي اپيل به رد ڪري ڇڏي ۽ بيواهن کي گ??وپ انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو. هن لاڳاپيل قانونن تحت ذميوار اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بيواهن پنهنجي گهروارن جي گ??وپ انشورنس جي رقم جي لاءِ اسٽيٽ لائيف کي در??واست ڏني ه??ي، رقم نه ملڻ تي هن وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن انشورنس ڪليمز ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا، اسٽيٽ لائيف محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ هڪ در??واست داخل ڪئي ه??ي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گروپس انشورنس جي ڪٽوتي فوتي گهروارن جي پگهار مان باقاعدگي سان ڪئي ويندي ه??ي، رڪارڊ کان خبر پئي ته پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو هو. پنجاب جي سمورين مقامي حڪومتن جا ملازم معاهدي تحت گ??وپ انشورنس جا حقدار آهن. حقيقتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ صدر ڪمپني جي در??واست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف جي اپيل رد ۽ بيواهن کي گ??وپ انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چيو ته فوت ٿيندڙ فائر مين ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ملتان جو ريگيولر ملازم هو، ملازمن سروس جي دوران بنيادي پگهار جي اسڪيلز موجب ماهوار پريميم ادا ڪيو، شڪايت ڪندڙن انشورنس ڪمپني جا سمورا گهربل دستاويز پڻ فراهم ڪيا. انشورنس ڪمپني جو موقف غلط، بي بنياد ۽ بنا جواز آهي تنهن ڪري ان کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. صدر چيو ته ڪمپني معاهدو تحت شڪايت ڪندڙن کي گ??وپ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي پابند آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪم ڏنو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس بيواهن کي انهن جي گهروارن جي انشورنس جي رقم ادا ڪري.