اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پر??يز اشرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان سندس عهدي جو حلف ورتو، حلف برداري تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ منعقد ٿي، حلف برداري تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو تعداد موجود هو، تقريب کانپوءِ ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پر??يز اشرف مزار اقبال تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر ??اڙهي ۽ فاتحه خو??ني ڪئي، واپسي کان اڳ راجا پر??يز اشرف حضرت داتا گنج بخش رحمته عليه جي درٻار تي حاضري ڏني ، فاتحه خو??ني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خو??حالي لاءِ خصوصي دعا گهري اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پر??يز اشرف پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان حلف وٺڻ لاءِ لاهور پهتو، قومي اسيمبلي سيڪريٽري موجب لاهور ايئرپورٽ تي صوبائي انتظاميه پاران سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو