اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، صنعتي ترقي کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي و??ري وفاقي و??ير شوڪت فياض ترين ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي و??ير مخدوم خسرو بختيار ??ان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪي صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ کنيل حڪومت جي قدمن ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. وزيراعظم چيو ته حڪومت صنعتي صلاحيت وڌائڻ ۽ سِڪ يونٽس جي بحالي لاءِ ق??م کڻي رهي آهي، اسان جي حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت جي لاءِ ٺوس پاليسي ڏني، حڪومت جي ڪاروبار ??وست پاليسين جي ڪري صنعتي شعبو ترقي ڪري رهيو آهي، صنعتن جي مڪمل صلاحيت تي هلڻ جي ڪري روزگار ۾ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ڪورونا وبا دوران ڪامياب معاشي ۽ ڪاروبار ??وست پاليسين جي ڪري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو جنهن جي ڪري روزگار ??ا موقعا پيدا ٿيا، پيداوار ۾ اضافي سان گڏوگڏ روانگي و??پار ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي وڌائڻ ۽ بيما?? يونٽس جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ صنعتن ۾ روايتي شعبن کانسواءِ نئين شعبن جي شموليت يقيني بڻائي رهي آهي، جنهن جو مقصد درآمدي متبادل ۽ برآمدات ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي پاڪستان ۾ صنعتن جي فروغ جي ويزن موجب صنعت ۽ پيداوار واري و??ارت ملڪي صنعتي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ صنعتن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ ايندڙ رڪاوٽن جو خاتمو يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم ملڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ جي لاءِ ق??من کي تيز ڪرڻ، لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي گڏيل تعاون وڌائڻ ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.