لاهور – 11 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عدم اعتماد جي رٿ مخالف ڌر جو آئيني حق آ??ي، اسان کي ان مان ڪو به خطرو نه آ??ي، اتحادي گڏ آهن، پهرين معيشت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آ??ي، اليڪشن ۾ اڃان وقت آ??ي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو خيال رکڻو پوندو. لاهور جي نجي اداري ۾ استادن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته ضرور آڻي. گذريل ڏينهن پرويز الاهي سان ملاقات ٿي آ??ي، گهرن ۾ به گلا شڪوه ٿيندا رهندا آهن، ن ليگ پاڻ سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن جا نالا سامهون آڻي. هن چيو ته هن وقت محاذ آرائي جو ماحول نه بڻجڻ گهرجي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو خيال رکڻو پوندو. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر يونيورسٽي آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي (يو ايم ٽي) جو دورو ڪيو ۽ صدر ??و ايم ٽي ابراهيم حسن مراد سان ملاقات ڪئي. ابراهيم مراد يو ايم ٽي جو تعارف ڪرائيندي اسپيڪر کان ??اڪ??تان ۾ اعليٰ تعليمي سڌارن جي باري ۾ به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئ??، اسپيڪر اسد قيصر يو ايم ٽي تعليمي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ابراهيم مراد کان يو ايم ٽي سان تعليمي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ريڪٽر يو ايم ٽي ڊاڪٽر آصف رضا يو ايم ٽي ۾ اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين پارلياماني ميمبرن کي ڀليڪار چئي ۽ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته يو ايم ٽي ۾ اچڻ هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي.