اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم عمران خان اسلام?? تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيندي اسلام?? تعاون تنظيم ۾ ان جي موثر ڪردار ۽ افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امداد ۽ امن سازي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ علائقا??ي ۽ عالمي سطح ت?? تعاون ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل مضبوط تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان معاش?? تعاون ۾ اضافي، سياحت، دفاع ۽ عوامي سطح تي رابطن جي ڏس ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله افغانستان بابت اسلام?? تعاون تنظيم جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ کي افغانستان جي عوام کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ وقت سر قدم قرار ڏيندي ساراهيو. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي تع??يري ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان اچڻ تي پنهنجي شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.