اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سياسي رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ازبڪستان پا??ستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاه??ي سان واپاري ۽ معاشي تعاون تيز ڪرڻو پوندو، پا??ستان ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جو حامي آهي، جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي اشڪ آباد ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزييويو سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون، واپار ۽ معاشي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ازبڪستان جي صدر کي پا??ستان جي دوري جي دعوت ڏني.