اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ف??خ حبيب چيو آهي ته پاڪستان امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، پاڪستان عالم?? امن ۽ استحڪام لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن ج?? امن مشن ۾ پاڪستان جون خدمتون ان امر جو عملي نم??نو آهي گڏيل قومن جو ميمبر هئڻ جي باوجود هندستان جي ظلم، بربريت ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي عالمي برادري کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻين ڪوششن کي عالمي برادري پاران سار??هي?? پيو وڃي. عالم?? امن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير ف??خ حبيب چيو ته عالم?? امن ۽ استحڪام جي لاءِ هن وقت تائين پاڪ فوج جا 161 جوان شهيد ٿي چڪا آهن، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام عالم?? امن جي قيام لاءِ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي نوجوانن کي سلام پيش ڪري ٿي، هن چيو ته خطي ۾ هندستان جي والاريل ڪشمير ۾ بدامني ۽ ظلم ڪنهن کي نظر نٿو اچي. هن چيو ته پرامن افغانستان ئي پرامن پاڪستان آهي، هن چيو اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز کي به سلام پيش ڪريون ٿا جنهن دائم?? امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هن چيو ته پاڪستان نه رڳو پنهنجي ڌرتي پر عالم?? امن لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو.