اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چين جي سفير نونگ رونگ هتي ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ، ويڪسين ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. چين جي سفير وزيراعظم عمران خا?? کي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خواهشن ۽ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪاد جو پيغام پهچايو. وزيراعظم چيني قيادت کي مبارڪباد جي پيغام تي پنهنجي خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ڪووڊ – 19 خلاف جنگ ۾ چين جي مسلسل حمايت ۽ ڪووڊ ويڪسين سهولت تحت ويڪسين جي فراهمي جي واکاڻ ??ئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين فولادي ڀائر آهن ۽ ڪنهن به دشمن قوت کي ان دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني و??ندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سي پيڪ تبديلي جو منصوبو آهي ۽ ٻنهي ملڪ?? کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ کي بي آر آءِ جو اعليٰ معي??ر جو منصوبو بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبن جي و??ت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهي، ملاقات ۾ واپار، ڪامرس، سيڙپڪاري، چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ کاڻين ۽ قدرتي وسيلن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. وزيراعظم علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ته افغانستان جي تڪر??ر جو ڪو فوجي حل نه آهي، وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته هو افغان تڪر??ر جي سياسي حل لاءِ ڳالهين جي ??وش??ن جي حمايت جاري رکندو.