اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا جي رانديگر هرشبل گبز تي ڪشمير ليگ کان پاسو اختيار ڪرڻ جي ل??ءِ دٻاءُ وجهڻ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪرڪيٽ ک?? سياست جي ل??ءِ استعمال ڪرڻ جو عمل نريندر مودي اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هرشل گبز تي پابندي جي ل??ءِ دٻاءُ وجهڻ سان ڪشمير جي تحريڪ کي ڪو نقصان نه پهچندو پر فائدو ئي ٿيندو. هن چيو ته پنهنج?? غيرمنطقي سياسي مقصدن جي ل??ءِ عالمي رانديگرن کي روڪي هي پنهنجو ئي نقصان ڪندا. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا لکين شوقين آهن، ڪرڪيٽ ک?? سيا??ت کان جدا رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ليگ پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي ل??ءِ اهميت رکندڙ آهي، ماڻهو ان کي ڏسڻ چاهين ٿا.