اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ح??ومت ملڪ جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت صحت ڪارڊ ۽ وزيراعظم ها??وسنگ اسڪيم سميت ملڪي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪيترائي منصوبا ش??وع ڪيا آهن، ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوان ننڍي پئماني تي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ وڏ?? تعداد ۾ خاندانن کي هيلٿ ڪارڊز جي ذريعي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي وڃي ان کانسواءِ وزيراعظم ها??وسنگ اسڪيم تحت عوام کي گهر جهڙي بنيادي سهولت به فراهم ڪئي پئي وڃي.