اسلام آباد – 08 – جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناجائز منافع خ??ري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف بنا فرق سخت ڪارروائي جي هد??يت ڪندي چيو آهي ته اهڙا عنصر غريب دشمن آهن جيڪي ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، ضر??ري شين جي مناسب قيمت تي فراهمي ۽ وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خ??الن جو اظهار هن کنڊ جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان جائز?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريع?? اجلاس کي پنجاب صوبي ۾ ڪمند جي فصل، ڪرش??گ ۽ کنڊ جي موجوده اسٽاڪ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.