اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 148??ين پيدائش واري ڏينهن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن ??سا?? باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ق??م لاءِ ڪيل خدمتن کي کيس سلام پيش ڪريون ٿا، قائداعظم هڪ سياسي جدوجهد ذريعي تاريخ جي ڌارا تبديل ڪئي، قائداعظم جي ويزن، عزم ۽ استقلال عيوض ئي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ آزاد وطن جو قيام ممڪن ٿي سگهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق قائداعظم محمد علي جناح جي 148??ين پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ??سا?? جي تاريخ جي هڪ نازڪ ترين دؤر ۾ قائداعظم جي ق??ادت سندس غير معمولي صلاحيتن جو ثبوت آهي. قائداعظم هڪ وڪيل، مدبر ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي اڳواڻ طور تي مسلمانن جي حقن جي ڀرپور وڪالت ڪئي. هن پاڪستان جو ڪيس نهايت وضاحت ۽ يقين سان پيش ڪيو. هن هڪ اهڙي ڌار وطن جي ضرورت تي زور ڀريو جتي مسلمان آزاديءَ سان پنهنجي مذهب تي عمل پيرا ٿي سگهن ۽ پنهنجي ثقافت، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ ڪري س??هن. هن چيو ته 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي مان سندس تاريخي خطاب اڄ به ??سا?? لاءِ مشعل راهه آهي. پنهنجي ان تقرير ۾ هن هڪ اهڙي پاڪستان جو تصور پيش ڪيو جتي قانون جي حڪمراني هوندي، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ هر شهري بنا ڪنهن فرق جي رياست جي سامهون برابر هوندو. انصاف ۽ رواداري جا اهي اصول نه صرف قائد جي فلسفي جو بنياد آهن پر اهي اصول آهن جن تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ ??سا?? کي اڻٿڪ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. صدر مملڪت چيو ته جيتوڻيڪ ??سا?? مختلف شعبن ۾ اعليٰ ترقي ڪئي آهي، پر هڪ خ??شح??ل ۽ انصاف تي ٻڌل قوم بڻجڻ جو سفر اڃان جاري آهي، قائداعظم جي هڪ جهموري ۽ خود ڪفيل پاڪستان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ??سا?? کي سماجي انصاف، معاشي برابري ۽ قانون جي حڪمراني جا قدر برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??سا?? کي پنهنجي نوجوانن جي تعليم تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ کين علم ۽ هنر سان نوازڻو پوندو. ??سا?? کي معاشري جي پيڙهيل طبقن جي بهتري لاءِ به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ پر امن ۽ اعتدال پسند پاڪستان جي خواب جي تڪميل لاءِ ??سا?? کي پنهنجي سرحدن جي اندر ۽ ٻاهر هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻي آهي. هن چيو ته اڄ جڏهن ??سا?? قائد جو جنم ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اچو ??سا?? قائداعظم جي نظرين کي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي زندگين ۾ اپنائڻ جي عهد جي تجديد ڪيون. سندس ٻڌايل ”اتحاد، يقين محڪم ۽ تنظيم“ جي اصولن کي ق??مي هم آهنگي ۽ ترقي لاءِ مشعل راهه بنايون. اچو ??سا?? هڪ اهڙي پاڪستان جي تعمير جي عزم جو ورجاءُ ڪيون جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ قائداعظم جي ويزن جي عڪاسي ڪري. هڪ جمهوري ۽ خ??شح??ل پاڪستان جتي هر شهري کي پنهنجون ڀرپور صلاحيتون نکارڻ جو موقعي ملي سگهي.