اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسلامي ماليات ۽ اسلامي ڪيپ??ٽل مارڪيٽس جي مڪمل صلاحيتن مان ف??ئد?? کڻڻ ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪراچي ۾ ٻي اسلامي ڪيپ??ٽل مارڪيٽس ڪانفرنس ۽ ايڪسپو کي ورچوئل خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ اسلامي ماليات کي هٿي ڏيڻ ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو ڪ??دا?? واکاڻ جوڳو آهي. نان بئنڪ مالياتي شعبي ۾ اسلامي ماليات جي حوالي سان ريگوليٽري ماحول جي فراهمي، شريعه گورننس فريم ورڪ ۾، شريعه ڪمپلائنس صنعتن ۽ اسلامي مالياتي خدمتن جي فراهمي جي حوالي سان به ڪميشن پنهنجو ڪ??دا?? بهترين طريقي سان ادا ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪميشن مالياتي معلومات ۽ صلاحيت ۾ بهتري ل??ءِ به ڪم ڪري رهيو آهي ۽ گذريل ڏينهن ان حوالي سان 4 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪرڻ تعريف جوڳا آهن. اسلامي ڪيپ??ٽل مارڪيٽس جي حوالي سان سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن کي انهي عزم ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ سميت اسلامي ماليات ۽ اسلامي ڪيپ??ٽل مارڪيٽس جي مڪمل صلاحيت مان ف??ئد?? کڻڻ ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان اسڪالرز، مالياتي ادارن، ريگوليٽري ادارن ۽ انڊسٽري پريڪٽشنرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. جديد اسلامي مالياتي مصنوعات جي حوالي سان به ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ماڻهن جي ضرورتن موجب انهن کي اسلامي مالياتي خدمتن جي فراهمي کي ممڪن بڻائي سگهجي.