اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا توانائي واري وزارت، پاور ڊويزن جي سفارش تي بگاس سان هلندڙ 8 انڊيپنڊنٽ پاور پلانٽس سان سيٽلمينٽ معا??دن جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن معا??دن کانپوءِ عام صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمت گهٽ ۽ قومي خزاني کي 238 ارب رپين جو فائدو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا کي شام جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ ا??ان پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي آ??اهه ڪيو ويو ته شام ۾ موجود 250 پاڪستاني زائرين مان 79 بيروت پهچي چڪا آهن ج??ان انهن کي پاڪس??ان واپس آندو ويندو. ان کانسواءِ شام ۾ موجُود 20 جي لڳ ڀڳ استادن ۽ شاگردن مان 07 استاد به بيروت پهچي چڪا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شام ۽ لبنان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار پاڪستانين جي شام مان حفاظت سان واپسي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن. وفاقي ڪابينا توانائي واري وزارت، پاور ڊويزن جي سفارش تي بگاس سان هلندڙ 8 انڊيپنڊنٽ پاور پلانٽس سان سيٽلمنٽ معا??دن جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن معا??دن جي منظوري کانپوءِ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي انهن پاور پلانٽس سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي ٽيرف ۾ گهٽتائي جي حوالي سان نيپرا سان رابطو ڪندي، انهن معا??دن کانپوءِ عام صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ قومي خزاني کي 238 بلين رپين جو فائدو ٿيندو. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت عام ماڻهو جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي هر فيصلي ۽ قدم ۾ قومي مفاد مٿانهون رهڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ نجي شعبي ۽ صنعتن جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ڄاڻايل پاور پلانٽس ۾ جي ڊي ڊبليو يونٽ I، يونٽ II، آر واءِ جون ملز، چنيوٽ پاور، حمزه شگر، المعيز ان??سٽ??يز، ٿل ان??سٽ??يز ۽ چنار ان??سٽ??ي شامل آهن. وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي هيوي ان??سٽ??ي ٽيڪسلا جي بورڊ ۾ برگيڊيئر عاصم بشير وڙائچ جي بطور ميمبر پروڊڪشن ڪنٽرول ??قرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي اسٽيٽس آف وومين فنڊ بابت نيشنل ڪميشن قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.