اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ زلزلي، نئين سر تعمير ۽ بحالي اٿارٽي (ايرا) جي 15هين ڪائوسنل جو اجلاس ٿيو. ايرا جي چيئرمين، ايرا ڪائونسل جي ميمبرن ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ ايرا ۽ اين ڊي ايم اي جي اسٽريٽجڪ انضمام جي عمل تي ڌيان ڏنو ??يو. نائب وزيراعظم چيو ته انضمام جو عمل آپريشنز کي هموار، ??سيلن جي ورڇ کي بهتر ۽ آفتن کي منهن ڏي?? جي مجموعي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائيندو. ڊيزاسٽر ريسپانس فريم ورڪ کي هم آهنگ ڪرڻ ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي شا??ل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??يو.