دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي و??ثي ۽ ثقافت واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپا موجود آهن، ثقافتي رشتن کي مضبوط بڻائڻ وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن آهي. اها ڳالهه هن قطر جي ثقافت واري و??ير عبدالرحمان بن حماد الثاني جي خصوصي دعوت تي فارج الفن فيسٽيول ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي ??ئي. اطلاعات واري وفاقي و??ير قطر جي ثقافت واري و??ارت ۽ ثقافت واري و??ير عبدالرحمان بن حماد الثاني کي فيسٽيول جي لاءِ بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني. فيسٽيول جي موقعي تي اطلاعات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ جي تاجڪستان جي ثقافت واري و??ير Matlubakhon Sattoriyen ۽ عراق جي ثقافت واري و??ير ڊاڪٽر احمد الفلق ال بدراني سان ملاقات به ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته قطر جي ثقافتي و??ثي کي محفوظ رکڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ جي محنت هڪ اعزاز آهي. فارج الفن جهڙا ايونٽس ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت جو اظهار آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رابطا موجود آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ثقافتي رشتن کي مضبوط بڻائڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهڙا ئي ايونٽس قوم کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ، گڏيل احترام کي وڌائڻ ۽ گڏيل ورثي جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن عالمي سطح تي فن جي منظرنامي جي لاءِ روايتي ۽ جديد قطري فن پيش ڪرڻ ۾ فارج الفن فيسٽيول پيش ڪندڙن جي ڪردار کي ساراهيندي ??يو ته پاڪستان جي ثقافت ۽ قومي و??ثي و??ري و??ارت ثقافتي تعاون جي فروغ جهڙن قدمن جي حمايت ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستي ۽ ثقافتي مٽاسٽا وڌيڪ گهري ٿيندي. واضح رهي ته تازو ئي پاڪستان ۽ قطر ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. ان معاهدي تحت 132 فن پارن کي قطر موڪليو ويو آهي ته جيئن انهن کي ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کان هيستائين“ تحت قطر ميوزيم ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. فارج الفن فيسٽيول 31 آڪٽوبر کان 6 نومبر تائين جاري رهندو. فيسٽيول ۾ قطر جي هر نموني جي جديد فن کي پيش ڪيو پيو وڃي. فارج الفن فيسٽيول فنڪارن، تخليقڪارن ۽ ثقافت سان محبت ڪندڙن جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ان فيسٽيول ۾ سڄي خطي بشمول سڄي دنيا مان فنڪارن کي و??ڪشاپ ۽ سيمينارز ۾ شرڪت جي لاءِ گهرايو ويو آهي.