اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جو هجڻ تمام اهم آهي، ٽيڪنالاجي جي ??يدان ۾ دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان کي ان سان گڏ هلڻو آهي. امرجنگ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. گذريل ڏينهن مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه جاز، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ وچ ۾ مفاهمت جي ??ادداشت تي صحيحين و??ري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، جنهن جو بندوبست آءِ ٽي وزارت جي ڪميٽي روم ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي آءِ ٽي جي سيڪريٽري ضرار هاشم خان، اسپيشل سيڪريٽري آءِ ٽي ڊويزن اظفر منظور پڻ موجود هئا. هن چيو ته جاز، نسٽ ۽ اين آءِ ٽي بي وچ ۾ اهو سهڪار نه صرف انوويشن کي هٿي ڏيندو پر پاڪستان کي مصنوعي ذهانت جي ??يدان ۾ اڳواڻ بڻجي اُڀرڻ ۾ مددگار به بڻجندو، ان ايم او يو تحت پاڪستان جي ??هرين لو??ل لارج لينگويج ماڊل جي تي??ري ٽائيم لائن ۾ ٿيڻ تمام ضروري آهي، جنهن لاءِ پريڪٽيڪل قدم کڻڻا پوندا. هن اڪيڊميا ۽ انڊسٽري وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته اڪيڊميا انڊسٽري برج ذريعي نوجوانن لاءِ ملازمتن جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا، اسان کي پنهنجي ??وجوانن کي جديد آءِ ٽي اسڪلز سان آراسته ڪرڻو آهي. جاز جي سي اِي او عامر ابراهيم چيو ته پاڪستان جي ??ستقبل لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ وڏن لينگويج ماڊلز ۾ جدت اهم حيثيت رکي ٿي، اسان هڪ اهڙو مقامي ماحول جوڙڻ لاءِ پُرعزم آهيون جيڪو اسان جي ڪميونٽيز جي ??نفرد ضرورتن کي پورو ڪري. نسٽ ۽ اين آءِ ٽي بي سان گڏ ڀائيو??ري ذريعي اسان ڊجيٽل خال کي گهٽ ڪندي استادن، ڊاڪٽرن ۽ هارين کي انهن جي ??نهنجي ??وليءَ ۾ ضروري ڄاڻ ۽ ٽولز فراهم ڪنداسين، اهو سهڪار هڪ قومي مشن آهي جيڪو ڊجيٽل شموليت جي ??يدان ۾ تيز رفتار ترقيءَ جو سبب بڻجندو، ايندڙ مهينن ۾ اسان جو هدف هڪ فعال ماڊل تيار ڪرڻ آهي جيڪو پاڪستان ۾ هڪ انقلابي اي آءِ فريم ورڪ جو بنياد رکندو. ان موقعي تي آءِ ٽي وزارت ۽ ذيلي ادارن جي آفيسرن، سي اي او جاز عامر ابراهيم ۽ نسٽ جي ريڪٽر انجنيئر جاويد محمود بخ??ري پڻ موجود هئا.