اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (??ي پي پي) بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي حڪو??تي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آب??د پهچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سندس استقبال ڪيو.