اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان دهلي هاءِ ڪورٽ پاران ڪشميري عوام جي حقن جي وڪالت ڪندڙ ڪيترين ئي سياس?? پارٽين ت?? پابندي هڻڻ جي ڀارتي فيصلي کي برقرار رکڻ جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران مقامي سياس?? پارٽين ت?? پابندي ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي بي لگام مهم جو حصو آهي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي حقن جي وڪالت ڪندڙ پارٽين کي غيرقانوني س??گرمين جي (روڪمٿام) اي??ٽ (يو اي پي اي) تحت خاموش ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهو قانون ڪشميري عوام تي ڏاڍ جي هڪ هٿيار جي طور تي تيزي س??ن استعمال ٿي رهيو آهي. ترجمان چيو ته انهن ڪاررواين کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۾ ڀارتي عدليه جو ڪردار ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جائز سياسي آوازن کي دٻائڻ جي منظوري ڏيندڙ تازن فيصلن کانپوءِ سامهون آيو آهي، گذريل سال ڀارتي سپريم ڪورٽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين کي برقرار رکيو ويو هو. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو سمورين سياس?? پارٽين ت?? پابندي هٽائي جيڪي والاري?? ڪشمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏن??ون و??ون آهن، ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين جو احترامڪ ري، سمورن سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سان لاڳاپيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري.