اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اسان جون 93 پاسپورٽ آفيسون قائم آهن، افغان??تا?? جي اندر اسان جي ڪا پاسپورٽ آفيس نه آهي، پاسپورٽ آفيسون آبادي جي تناسب سان قائم ڪيون وڃن ٿيون، خانگي عمارتن جي ماسٽر پلان ۾ جيستائين فائر سيفٽي پلان ناهي هوندو تيستائين انهن عمارتن جي منظوري ناهي ڏني ويندي، فائر سيفٽي جي حوالي سان ريگ??ول??شن تي عمل ٿيڻ گهرجي. هو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ميمبرن جي ضمني سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو. قومي اسيمبلي جي ميمبر سحر ڪامران جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته 10 جولاءِ تي ايڇ نائين ويجهو بازا?? ۾ ??اهه لڳڻ وا??و واقعو پيش آيو جنهن ۾ اٽڪل 28 ڪروڙ جو نقصان ٿيو، باهه سولر سسٽم لڳائڻ جي ناقص بيٽري ڦاٽڻ سبب لڳي، انڪوائري ڪميٽي رپورٽ موڪلي ڇڏي آهي. 2010ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت دوران فائر پريوينشن اينڊ لائيف سيفٽي ريگ??ول??شنز ٺاهيا ويا هئا، جن ۾ بهترين عالمي طريقن کي شامل ڪيو ويو هو. هن چي?? ته سي ڊي اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي صلاحيت ۾ اضافو ڪري ۽ ڪٿي ڪٿي باهه وسائڻ جا اوزار موجود آهن انهن جي مڪمل آڊٽ ڪئي وڃي، اهي ريگ??ول??شنز سمورين بازارن ۽ پبلڪ جاين تي لاڳو ڪيا وڃن، جيترا به پرائيويٽ عمارتن جا ماسٽر پلان منظوري لاءِ اچن ٿا، جيستائين فائر سيفٽي پلان لڳل نه هوندو انهن عمارتن جي منظوري نه ڏني ويندي. هن چي?? ته بازارن ۾ ننڍن اسٽالز تي باهه وسائڻ جي اوزارن کي هڻڻ جا مسئلا پڻ درپيش آهن، اهو يقيني بڻايو وڃي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچيو وڃي. قومي اسيمبلي جي ميمبر رفيع الله جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته جڏهن گهٽ کان گهٽ اجرت جو تعين ڪيو وڃي ٿو ته ڀلي روزاني جي اجرت يا ڪانٽريڪٽ تي ملازم هجي ان کي هڪ مهيني ۾ 37 هزار رپيا ادا ڪرڻا پوندا. هن چي?? ته اي پي اين ايس ۽ پاڪ??تا?? براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن کي به درخواست ڪئي وئي آهي ته سمورن ميڊيا هائوسز ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون تي عمل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي ميمبر طاهره اورنگزيب جي ضمني سوال تي وفاقي وزير چي?? ته 93 پاسپورٽ آفيسون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قائم آهن، افغان??تا?? جي اندر ڪا به پاسپورٽ آفيس نه آهي. پاسپورٽ آفيسُون آبادي جي حساب سان قائم ڪيُون وڃن ٿيُون، جتي پاڪ??تا??ي وڌيڪ آهن اتي پاسپورٽ آفيسون قائم ڪيون وڃن ٿيون. مالٽا جي معاملي تي ويزائن جي حوالي سان سائيڊ لائين ميٽنگ ٿيڻ گهرجي. گه??و وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي گهرائي اهو مسئلو حل ڪرايو ويندو. اڪثر ويزائن ۾ اهي مسئلا ايندا آهن، منهنجي ڪوشش هوندي ته اهو مسئلو به هينئر ئي حل ڪيو وڃي.