لاهور- 06 سيپٽمبر(اي پي پي) پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته يوم دفاع پاڪستان کي يوم وفا عزم وطن طور ملهائڻ گهرج??، زنده قومون پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي هميشه ياد رکنديون آهن، ملڪ جو د??اع مضبوط هٿن ۾ آهي. اهڙو اظهار هن يوم دفاع جي موقعي تي ڪيپٽن سرور شهيد نشان حيدر جي يادگار سنگهوري سرور شهيد گوجر خان ۾ هڪ پروقار تقريب ۾ ڪيو . تقريب ۾ سياسي ، سماجي ۽ ادبي شخصيتن سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ راجا پرويز اشرف يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 06 سيپٽمبر تي اسان جي ??وج دشمنن جو مقابلو ڪري انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ، دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف ??وج ۽ عوام جو اتحاد وسارڻ جوڳو ناهي . هن وڌي?? چيو ته ملڪ جو د??اع مضبوط هٿن ۾ آهي اڄ پوري قوم ??وج سان گڏ آهي. اڄ جو ڏينهن اسان جي محسنن جي قربانين کي ياد ڪرڻ ۽ انهن کي خراج تحسين پي?? ڪرڻ لاءِ آهي .اسان کي پنهجي بهادر پٽن تي ناز آهي. هن وڌي?? چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي قوم ڪشمير ڪاز ۽ ولاريل وادي جي ڪشميرين سان گڏ آهي . پر امن بقاءَ تحت سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپا چاهيون ٿا . قائد اعظم جي اصولن ۽ قاعد عوام جي ويزن سان اسان سڀ اڳيان وڌي سگهون ٿا.