اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ جاري پي ايس ڊي پي منصوبن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته صوبا پنهنجي ترجيحن مطابق پي ايس ڊي پي منصوبن لاءِ لائحه عمل تيار ڪن، پوري ڪوشش آهي ته بلوچستان صوبي جي منصوبن لاءِ فنڊز جي فراهمي يقيني بڻايون. هن چ??و ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي اهم قدمن جي ضرورت آهي. مقامي ماڻهن کي ??ي ايف سي جون خدمتون سونپيون وڃن ۽ انهن کي ??روري تربيت فراهم ڪئي وڃي، جن منصوبن تي 70 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي انهن کي ??رجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. هن چ??و ته اسپارڪو جي مدد سان ملڪ ۾ موجود 15 سال اول ۽ اڄ جي ڊيمن تي رپورٽ تيار ڪئي وڃي. بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان عوام کي ??گاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.