جده ??? 07 – آگسٽ (اي پي پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي پڄاڻي واري غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحيٰ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ??يا?? موجب هن غزه ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائ?? وزيراعظم سيڪريٽري جنرل سان فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ ۽ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ سنگين انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن جنگبندي جي فوري ضرورت ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي تي زور ڏنو. نائ?? وزيراعظم وچ ??وڀر ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان جي قدمن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. ??يا?? موجب نائ?? وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي ايلچي جي ڪشميرين جي جائز خودمختياري جي حق جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ تاريخي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ اسلامو فوبيا، امتيازي سلوڪ ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائ?? وزيراعظم اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي ايلچي جي مقرري کي پڻ ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته خصوصي ايلچي ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ جي مهم کي اڳتي وڌائيندو.