اسلام آ??اد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني ا??ٿليٽ ارشد نديم کي ا??لمپڪس 2024ع جي جولين ٿرو جي مقابلن جي فائنل رائونڊ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ارشد نديم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ۽ اڻ??ڪ محنت سان پوري قوم جي دل کٽي ورتي آهي، جولين ٿرو راند جي ا??سر جي لاءِ ارشد نديم جون خدمتون قدر جوڳيون آهن ۽ سندس محنت ۽ لگن نوجوا??ن جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم چيو ته مارچ 2024ع ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ارشد نديم سان ملاقات ڪري دلي خوشي ٿي، پاڪستان ۾ بي پناهه ٽيلينٽ آهي، ان کي وڌيڪ نکارڻ جي ضرورت آهي، حڪومت پاڪستان ۾ عالمي سطح تي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي جاري رکندي. وزيراعظم اولمپڪس 2024ع ۾ ارشد نديم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.