اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ??اڻ?? تنوير حسين چيو آهي ته فرٽيلائيزر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ماڊل سينٽرن جي شروعات ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل فرٽيلائيزر رويو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي اس??اڪ جي دستيابي ۽ اگهن جو جائزو وٺڻ هو. وفاقي وزير ??اڻ?? تنوير حسين چيو ته هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ڀاڻ ڪمپنين طرفان هر ضلعي ۾ ماڊل سينٽر کوليا ويندا ۽ هاري اصل اگهه تي ڀاڻ خريد ڪري سگهند??. ح??ومتي قدمن سان ايجنسين ۽ ڊيلرز جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني گذريل ڪجهه هفتن دوران ماڊل سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني ترجيحي بنيادن تي ماڊل سينٽر جي قيام جون تجويزون ڏي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ۽ اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي صوبائي ح??ومت کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.