اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اي سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر کي اي سي او جي قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ پنهنجي دور ?? اي سي او کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. نائب وز??راعظم تنظيم جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي خدمتن کي ساراهيو. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن ۽ اي سي او جي سڌاراجاتي ايجنڊا جي وچ ۾ علائقائي واپار ک?? وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي آگسٽ ۾ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ جو ذڪر ڪندي نائب وز??راعظم ا??يد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر اسد مجيد خان پنهنجي ٽن سالن جي دور ?? خسرو نوزيري جي سٺي ڪم کي جاري رکندو.