اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال دوران سوئي ناردرن گيس پائپ لائنز لميٽيڊ ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽيڊ پنهنجي ٽرانسم??شن نيٽ ورڪ ۾ 156 ڪلوميٽر جو اضافو ڪيو آهي. اقتصادي سروي 24-23ع مطابق هلندڙ مالي سال دوران جولاءِ کان مارچ تائين 3614 ڪ??وميٽر ڊگهي مين لائزن ۽ 76 ڪلوميٽر سروس لائن وِڇائي وئي، جڏهن ته 56 ڳوٺن ۽ پٺتي پيل علائقن کي گيس نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ سان گڏوگڏ 11554 اضافي گيس ڪنيڪ??نز جاري ڪيا ويا.