اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پاڪستان ??راڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) لاءِ مالي سال 2024ع ??وران ??ن جي آپريشنل ۽ ملازمن ۽ لاڳاپيل خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ 5.81 بلين روپين جي رقم مختص ڪئي وئي جنهن مان مارچ 2024ع ??ائين جي پهرين ٽن ٽه ماهي دوران 5.06 بلين روپيا جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل پاڪستان ??ڪنامڪ سروي 24-2023ع موجب پاڪستان ??راڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) هڪ اهم ۽ موثر اليڪٽرانڪ ميڊيا ادارو آهي جيڪو حڪومتي پاليسين ۽ پاڪستاني عوام جي امنگن کي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ اجاگر ڪري ٿو. ان ??و مقصد ريڊيو خبرن ۽ اعليٰ معيار جي پروگرامن ذريعي عوام کي معلومات، تعليم ۽ تفريحي پروگرام فراهم ڪرڻ آهي. ريڊيو پاڪستان ناڪاري پرڏيهي پروپيگنڊا ۽ ناڪاري اثرن جو به مقابلو ڪري ٿو، ريڊيو جمهوريت، آزادي، برابري، رواداري، ۽ سماجي انصاف جي اصولن سان گڏ اسلامي نظرئي ۽ قومي اتحاد کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي قومي ۽ مقامي ٻولين، ثقافت ۽ قدرن کي هٿي ڏئي ٿو. ان ??ان فرقيواريت، صوبائيت ۽ دهشتگردي جي حوصلا شڪني ۾ به مدد ملي ٿي. پاڪستان ??راڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) پاڪستان ??و سڀ کان وڏو سرڪاري ميڊيا نيٽ ورڪ آهي جنهن جو نشرياتي نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ 32 براڊ ڪاسٽنگ هائوسز ۾ تقريبن 80يونٽن تي ٻڌل آهي. پي بي سي وٽ ايف ايم، ميڊيم ويو، شارٽ ويو ۽ سيٽلائيٽ براڊ ڪاسٽ جهڙن مختلف نشرياتي پليٽ فارمز آهن. جاري مالي سال دوران پي بي سي مختلف مذهبي پروگرام نشر ڪيا جهڙوڪ رمضان ??لمبارڪ ۾ خصوصي پروگرام، روح رمضان، رمضان ماهه قرآن، غزه بدر ۽ توهين رسالت جي قانونن تي خصوصي پروگرام ۽ قرآن پاڪ جي حرمت جي حوالي سان ??گاهي مهم شامل آهن. ريڊيوپاڪستان مختلف سرڪاري رليف پيڪيجز جي وسيع پئماني تي تشهير ۽ ڪوريج جي جن ۾ بجلي چوري خلاف مهم، ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم، شاگردن لاءِ اسڪالرشپ اسڪيمن، بينطير انڪم سپورٽ پروگرام اسڪيم، قيمتن ۾ اضافي ۽ مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ خصوصي مهم، ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ريڊيوپاڪستان ??ي نيٽ ورڪ تي ڪشميرين جي يوم حق خوداراديت جي حوالي سان هڪ مباحثي جو پروگرام ۽ ريڊيو رپورٽ نشر ڪئي وئي ۽ يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان ٻيا خصوصي پروگرام به نشر ڪيا ويا. بين المذاهب هم آهنگي ۽ اقليتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ريڊيوپاڪستان ??ردو ۽ علائقائي ٻولين ۾ خصوصي پروموز ۽ پروگرام تيار ڪيا. جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع ??ائين جي عرصي دوران ??يڊيو پاڪستان ??ي خبرن ۽ حالات حاضره جي چئنل معيشت تي ڌيان ڏيندي مختلف شعبن ۾ اهم حڪومتي قدمن جو احاطو ڪيو. قومي نشرياتي اداري جي طور تي ريڊيو پاڪستان 2024ع ??ي عام چونڊن جي جامع ڪوريج کي يقيني بڻايو، رپورٽنگ ٽيمن کي مقرر ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ??ان ويجهو تعاون ڪيو. مالي سال 2024ع ??وران پي بي سي جي آپريشنل ۽ ملازمن بابت خرچن کي پروو ڪرڻ لاءِ 5.81 بلين روپين جي رقم مختص ڪئي وئي هئ?? جنهن مان مارچ 2024ع ??ائين جي پهرين ٽن ٽه ماهين دوران 5.06 بلين روپيا جاري ڪيا ويا آهن. پي اي?? ڊي پي جي منظور ٿيل منصوبن تحت ترقياتي ڪم مختلف مرحلن ۾ آهي. پي اي?? ڊي پي پراجيڪٽ سوت القرآن ايف ايم نيٽ ورڪ فيز 2 جي قيام لاءِ 212.777 ملين روپين جي رقم رکي وئي. ڏنل مدي ۾ منصوبي تي عملدرآمد جاري رهيو. اهڙي طرح خيرپور کان ميڊيم ويو سروسز جي بحالي بابت پي اي?? ڊي پي پراجيڪٽ لاءِ 444.096 ملين روپين جي رقم مختص ڪئي وئي. براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ عمارت جي رنگ روغن جي ڪم جو وڏو حصو مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ باقي ڪم مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. 254.945 ملين روپين جي لاڳت سان پي اي?? ڊي پي پروجيڪٽ اپ گريڊيشن آف اسٽوڊيوز ۽ ماسٽر ڪنٽرول رومز جي منظوري ڏني وئي. مقرر مدي دوران ڪل 17 مان 15 اسٽوڊويز ۽ ايم سي آرز جي اپ گريڊيشن مڪمل ٿي. ڊي آر ايم 1000 ڪلوواٽ سان هلندڙ ميڊيم ويو ٽرانسميٽر لڳائڻ لاءِ پي اي?? ڊي پي پراجيڪٽ تحت روات ٽرانسمٽنگ اسٽيشن جي اپ گريڊيشن لاءِ 3850 ملين روپين جي رقم منظور ڪئي وئي. ڏنل مدي دوران ??ائيٽ تي ڪاغذي ڪارروائي ۽ ٽينڊرنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي.