آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قازقستان ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او) ڪائونسل آف پرڏيهي وزيرن جي موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ رشين فيڊريشن جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفي افهام تفهيم، تعاون ۽ تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفي?? موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير روس ۾ پرامن ۽ ڪامياب چونڊ عمل تي پنهنجي روسي هم منصب کي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ?? روس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان روس ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هن سال ماسڪو ۾ بي?? الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو نائون اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.