اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بو??ڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان حلف کڻڻ بعد پنهنجي کاتي جي چارج س??ڀالي ورتي ۽ کاتي جي آفيسرن جي پهرين باضابطه اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ کاتي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان مسلمان امت کي رحمتن ۽ برڪتن واري مهيني جون مبارڪون ڏيندي هن ڀلاري مهيني ۾ مستحق ۽ مسڪينن جو خاص خيال رکڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته سياست کان مٿاهون ٿي ملڪي معيشت جي بهتري ۽ عام ما??هن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اهم ترين ٽاسڪ آهي جنهن کي پورو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.