لاهور- 13 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين جي گُهرج آهي ته جنهن جو انگ وڌيڪ آهي، اهوئي حڪومت بڻائي، ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ا??ان کي عالمي مالياتي اداري ??ٽ وڃڻو پ??و ته وينداسين، آزاد اميدوارن کي پاڻ ??ان ملائڻ سڀني جو حق هوندو آهي، وسيع تر قومي مفاد ۾ سڀني کي گڏجي اڳيان وڌڻو پوندو، جي يو آءِ (ف) سميت ??ين پارٽين ??ان رابطا ٿي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. شهباز شريف چ??و ته 8 فيبروري جو مرحلو طئي ٿي چڪو، چونڊن کان اڳ مختلف خدشا ڏٺا پئي ويا، امن امان جي صورتحال خراب آهي، چيو پئي و??و ته چونڊون انهيءَ ڪري ??ٿيون ٿي سگهن جو دهشتگردي آهي، پر چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلن کان پوءِ خدشا دفن ٿي ويا. هن چ??و ته چونڊن دوران ا??ان جي ادارن انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، چونڊن ۾ (ن) ليگ سڀ کان وڏي جماعت سامهون آئي آهي ۽ هن وقت قومي اسيمبليءَ ۾ ا??ان جون 80 سيٽون ٿي ويون آهن. هن چ??و ته آزاد اميدوار وڏي انگ ۾ آيا آهن ۽ اها حقيقت آهي جنهن تي ڪير به شڪ نٿو سگهي. آزاد اميدوار اڪثريت ثابت ڪن ا??ان اپوزيشن ۾ ويهي رهنداسين. هاڻوڪي چونڊن ۾ 10-12 سيڪڙو رزلٽس تي ئي اڪثريت جي دعويٰ ڪئي وئي، 10-12 سيڪڙو رزلٽ تي اڪثريت جي دعويٰ ڪرڻ غير منتقي ڳالهه هئي. 18ع ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ زرلٽ اچڻ شروع ٿيا هئا، خميس جي رات 10-12 سيڪڙو هڪ طرفه نتيجا اچڻ تي گوڙ ڪيو و??و ته آزاد اميدوار کٽي رهيا آهن. هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن تي ڌانڌلي سميت طرح طرح جا الزام لڳايا ويا، جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي آهي ته (ن) ليگ جا وڏا اڳواڻ ڪيئن هارائجي ويا. ڪي پي ڪي ۾ آزاد اميدوار کٽيا آهن ته ان جو مطلب اتي به ڌانڌلي ٿي آهي، اهي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڇو نه کٽي سگهيا. ڪهڙي اليڪشن آهي جنهن ۾ ڌانڌلي جا الزام نه لڳايا ويا. هن چ??و ته 13ع جي چونڊن کان پوءِ لانگ مارچ ٿيا، پارليامينٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، مان پُڇڻ چاهيان ٿو ته 13ع جي چونڊن دوران 35 پنڪچرز جو الزام ڪنهن لڳايو، اوهان کي 18ع جو منظرنامو به ياد هوندو، 18ع ۾ رات جو آر ٽي ايس ويهجي ويو هو. 18ع ۾ سڀني ڏٺو ته ڪهڙي طرح آر ٽي ايس کي ويهاريو ويو، 18ع ۾ ا??ان کي هٽايو و??و ته ا??ان ڪنهن کي نه گار ڏني ۽ نه ئي تشدد ڪيو، ا??ان کي جعلي هٿڪنڊن ذريعي هارايو ويو، ڏکڻ پنجاب ۾ ا??ان جي ووٽرن کي ڌمڪايو ويو. هن چ??و ته ا??ان پارليامينٽ وڃي ڪاري ??ٽيون ٻَڌي احجتاج ڪيو، ڪير نٿو ڄاڻي ته 18ع جي چونڊن کي چوري ڪيو ويو، ا??ان ته نه چيو هو ته پارليامينٽ کي باهيون ڏئي ڇڏينداسين، ا??ان ته قوم کي سول نافرماني جو پيغام نه ڏنو هو. هن چ??و ته هاڻ قوم جي زخمن تي مرهم رکڻ جو وقت آهي، ا??ان کي رنجشن کي محبتن ۾ بدلائڻوآهي. ا??ان جي اپوزيشن 4 سال هن قوم جي خدمت ڪئي، ايف اي ٽي ايف جو بل ا??ان منظور ڪرايو جيڪو قوم جي بهتر مفاد ۾ هو. ا??ان رياست کي بچايو سياست کي قربان ڪيو. پي ٽي آءِ باني تي تنقيد ڪندي هن چ??و ته جڏهن ڪشمير تڪرار ٿيو، ڀارت جو حملو ٿ??و ته هن گڏجي ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪورونا وبا آئي ته به هن گڏجي ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ڀارتي جهازن پاڪستاني سرحد کي پار ڪيون ان رات به ا??ان جي ميٽنگ هئي، هن وقت سڀني کي ٻُڌايو و??و ته وزيراعظم تشريف کڻي ايندو، ڏيڍ ڪلاڪ جي دير کان پوءِ سپه سالار آيو پر وزيراعظم نه آيو، 4 سالن تائين چور دروازي ??ان وزيراعظم هائوس داخل ٿيندو هو، پي ٽي آءِ باني چاهيندو هو ته اپوزيشن جي سامهون نه ٿيا نه ته هٿ ملائڻو پوندو. پي ٽي آءِ حڪومت پاڪستان جي آئين کي پيرن هيٺيان لتاڙيو، آئين جو مذاق بڻائي ڇڏيو، اسيمبليءَ کي ٽوڙيو ويو، 4 سالن جي ڪا ڪارڪردگي هجي ها ته ا??ان مڃي به وٺون ها، ڌانڌلي اها ٿي ته هڪ ڪروڙ نه هڪ هزار نوڪريون ڏنيون ويون، 50 لک گهر نه پر 5 هزار گهر ڏنا ويا، 90 ڏينهن تي پري جي ڳالهه 2 سالن ۾ به ڪرپشن ختم ڪري ??ا ته مڃي وٺون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته جي يو آءِ (ف) سميت ??ين پارٽين ??ان رابطا آهن، ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پ??و ته وينداسين. هن چ??و ته آئين تحت چونڊن جي 21هين ڏينهن قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو ويندو.