اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??ور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ ايران کي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري سميت ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پ??ندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن تي ??ور ??ين??ي نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز خاص طور تي هڪ ٻئي جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پ??ندو. نگران وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پ??غام ??ين??ي کيس جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.