اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي پاڪست??ن جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪست??ن جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌائڻ ?? حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هج?? جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ 28 هين گڏيل قومون ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي حوالي سان بين الوزارتي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي، پرڏيهي معاملن، توانائي، موسمياتي تبديلي، منصوبابندي وارن نگران وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي پاڪست??ن جهڙن ملڪن جي لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪست??ن جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌائڻ ?? حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هج?? جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گذريل سال موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪست??ن جي ٽيون حصو آبادي ٻوڏ کان متاثر ٿي، پاڪستان پنهنجي ماحولياتي سفارتڪاري سان عالمي ماحولياتي بحث ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوپ – 28 ۾ ڪلائميٽ فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي پاڪست??ن جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ ادارا ڀرپور تياري ڪن. نگران وزيراعظم دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ پاڪست??ن جي نمائندگي ڪندو.