اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته ??دليه، انتظاميا ۽ سياسي اڳواڻ چ??نڊ??ن وقت سر منعقد ڪرڻ تي متفق آهن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته چ??نڊ??ن 8 فيبروري تي ٿينديون، اتفاق راءِ سان چونڊ تاريخ تي سپريم ڪورٽ کي ساراهيون ٿا، ڪنهن پارٽي جو نه هر پاڪستاني جو ترجمان آ??يا??، دنيا پناهگيرن جو بار ونڊڻ ۾ پاڪستان جي مدد نه ڪئي، غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو مناسب قدم آهي، پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي تحريڪ کان فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي، فلسطين جو مسئلو رڳو ٻه رياستي منصوبو آهي، غزه ۾ ٿيندڙ ظلم تي عالمي اڳواڻن جي خاموشي افسوسناڪ آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار وائيس آف آمريڪا کي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. صدر چيو ته ??يرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو مناسب قدم آهي، معيشت هاڻي پناهگيرن جو بار کڻڻ جي سگهه نٿي رکي. هن چيو ته ??فغان طالبان دراندازي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا، خاطري جي باوجود ٽي ٽي پي جي خلاف قدم نه کنيا ويا، افغان طالبان کي ثبوت به ڏنا ويا، ڪابل سان رابطي جي کوٽ نه آهي، طالبان عملي قدم کڻن. صدر چيو ته پاڪستان غزه جي صورتحال تي عالمي فورمز تي پنهنجي موقف جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو آهي، فلسطين مسئلي جو حل رڳو ٻه رياستي منصوبو آهي، غزه ۾ ظلم تي عالمي اڳواڻن جي خاموشي افسوسناڪ آهي. ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته ??در جو آئيني مدو مڪمل ڪرڻ استحڪام جي علامت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف وزيراعظم چونڊجي آيو ته ??لف جي گهرج پوري ڪندس، سياستدان ۽ انتظاميا سميت سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪرڻ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. صدر چيو ته ??در وٽ انتظامي اختيار نه آهن، اميدون پنهنجي جڳهه تي پر ڪو اهڙو قدم نٿو کڻي سگهان جنهن جي آئين اجازت نه ڏي، جتي به مسئلا ڏسندس ان جي نشاندهي ڪندو رهندس. هن چيو ته چ??نڊ?? جي تاريخ تي ڪا ڪوتاهي ناهي ٿي. صدر هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته ??مران خان جي چ??نڊ?? ۾ شموليت جو فيصلو عدالت ۾ آهي، بحيثيت صدر ع??ليه تي اعتماد رکان ٿو. صدر چيو ته 9 مئي جي مذمت ڪري چڪو آ??يا??، تشدد جي سياست تي يقين نٿو رکان. هن چيو ته ??ام شهرين جي فوجي عدالت ۾ ڪيسن جو معاملو عدالت ۾ آهي، 9 مئي ڪيسن جي فوجي عدالتن ۾ ٻڌڻي تي وقت کان اڳ راءِ جو اظهار نٿو ڪرڻ چا??يا??.