اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ خي??رپختو??خو??هه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ ايندڙ چونڊن، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ صحافين جي مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه کي نگران وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چونڊ عمل کي صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار بڻائڻ جي لاءِ ال??ڪشن ڪميشن کي هر ممڪن تعاون ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. چونڊن دوران ميڊيا کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪ??و ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪ?? يقين رکي ٿي، اسان آئين تحت پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهيون، سمورين سياسي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، خي??رپختو??خو??هه جي صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين.