بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ?? سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خ??الن جو اظهار هن چين جي دوري دوران من ميٽلز جي چيئرمين وينگ زو ليانگ ۽ ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن آف چائنا جي چيئرمين چن جيانوانگ سان ڳالهائيندي ??يو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ?? کاڻين جي ??وٽ??ئي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڪمپنين پاڪستان ?? سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم شريڪ ٿيندڙن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته حڪومت ”هول آف دي ??ورنمينٽ اپروچ“ جي تحت پاڪستان ?? سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.