بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقي جي لاءِ ڪاروبار دوست ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن اي??ٽ سي گروپ جي چيئرمين فانگ يو لونگ سان ڳالهائي??دي ڪيو، جنهن بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي س??ڻس وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم وفد کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين بابت ٻڌايو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي ترقي جي لاءِ ڪاروبار دوست ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪر?? رهي آهي ۽ نجي شعبي کي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو مو??ر ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪر?? رهي آهي. ملاقات ۾ فانگ يو لونگ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته اي??ٽ سي گروپ گوادر فري زون ۾ ريفائنري ۾ سيڙپڪاري ڪر?? رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿيون. نگران وزيراعظم اي??ٽ سي گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ گوادر کي پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ سي پيڪ جو اهم حصو قرار ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين پراڻا دوست آهن ۽ چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي.